پٽاٽو بيٽري جي تصوير

پٽاٽو بيٽري جي تصوير

پٽاٽو بيٽري

پٽاٽو بيٽري (Potato Battery ):پٽاٽو بيٽري هڪ نموني جو اليڪٽروڪيميڪل سيل (Electrochemical Cell) آهي. اليڪٽروڪيميڪل سيل ڪيميائي انرجيءَ کي بجليءَ جي انرجيِءَ ۾ تبديل ڪندو آهي. بيٽريون ٻن مختلف اليڪٽراڊز ۽ هڪڙي اليڪٽرولائيٽ جي وچ ۾ ڪيميائي عمل ذريعي بجلي پيدا ڪنديون آهن. عام بيٽري ٺاهڻ لاءِ ڪاپر اليڪٽراڊز، زنڪ اليڪٽراڊز ۽ سلفيورڪ ايسڊ جي اليڪٽرولائيٽ جي طور استعمال ڪيو ويندو آهي. پر پٽاٽو بيٽري ٺاهڻ لاءِ زنڪ اليڪٽراڊز ۽ ڪاپر اليڪٽراڊز سان گڏ پٽاٽن جي رس کي اليڪٽرولائيٽ طور استعمال ڪيو ويندو آهي. پٽاٽن جي رس ۾ ڪيترائي پاڻياٺ وارا ڪيميائي جزا موجود هوندا آهن، جيڪي زنڪ ۽ ڪاپر ٻنهي اليڪٽراڊز سان ڪيميائي عمل ڪري ڪجهه بجلي پيدا ڪري سگھن ٿا. هن تجربي ۾ تازا پٽاٽا، ڪاپر اليڪٽراڊز، زنڪ اليڪٽراڊز، ڊجيٽل ۽ اينالاگ ملٽي ميٽر، جنهن کي پيدا ٿيندڙ بجلي جي ڪرنٽ ۽ والٽيج ماپڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. ان کان سواءِ هن عمل ۾ ايليگيٽر ڪلپس ۽ ليڊن جو استعمال پڻ ڪيو ويندو آهي.ڪاپر ۽ زنڪ اليڪٽراڊز کي پٽاٽي ۾ ائين وڌو ويندو آهي ته جيئن هڪٻئي جي ويجھو ته رهن، پر هڪٻئي کي ڇُهي نه سگھن. پوءِ ڪلپ ليڊن کي ملٽي ميٽر سان ڳنڍيو ويندو آهي ته جيئن ٻنهي ڪاپر ۽ زنڪ اليڪٽراڊز يا ملٽي ميٽر مان گذرندڙ وولٽيج کي ماپيو وڃي. پوءِ جڏهن ڊجيٽل ملٽي ميٽر ۾ چڪاس ڪئي ويندي ته اهو اليڪٽراڊز جي وچ‍۾ 1.2 وولٽ ڏيکاريندو. جڏهن ته اينالاگ ملٽي ميٽر وري ان کان گھٽ وولٽ ڏيکاريندو. جيتوڻيڪ وولٽيج ٻنهي اليڪٽراڊز جي وچ ۾ 1.2 آهي، پر بجليءَ جي پيداوار جي رفتار اينالاگ ملٽي ميٽر ۾ صحيح وولٽيج ڏيکارڻ جيتري تيز ڪونه هوندي آهي. اينالاگ ملٽي ميٽر پٽاٽي مان سگهه حاصل ڪندو آهي، جڏهن ته ڊجيٽل ملٽي ميٽر اندروني بيٽريءَ مان سگهه حاصل ڪندو آهي، جنهنڪري پٽاٽي مان پيدا ٿيندڙ بجليءَ جو اندازو نٿو لڳائي سگھي، اهو گھڻي قدر صحيح ۽ وڌيڪ پيدا ٿيندڙ بجلي جو مقدار ٻڌائي ٿو. پٽاٽو بيٽري وانگر ليمن، نارنگين ۽ ٻين اهڙن ميون مان، جن ۾ سٽرڪ ايسڊ موجود هوندو آهي، بيٽريون ٺهي سگھن ٿيون. انهن بيٽرين ذريعي ننڍڙا گھڙيال، بلب وغيره هلي سگھن ٿا. انهن بيٽرين کي گڏي فروٽ بيٽريز (Fruit Battereis) به ڪوٺيو ويندو آهي.


لفظ پٽاٽو بيٽريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو